اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪجهڙا مو??عا فراهم ڪيا ويندا، ملڪ ۾ معاشي استحڪام لازمي آهي، پاڪستان جي مُعاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سلي?? مانڊوي والا سان ملاقات دوران ??الهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندڙ چونڊن سميت ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي ذميواري اليڪشن ڪ??يش?? جي آهي، نگران حڪومت چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪ??يش?? کي هر ممڪن معاونت ۽ سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو پورو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا مو??عا فراهم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪ??م انتهائي ضروري آهي، پاڪستان جي معاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. ان مو??عي تي سينيٽر سلي?? مانڊوي والا ان اميد جو اظهار ڪيو ته اليڪشن ڪ??يش?? واعدي موجب جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائيندي.