اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ارد?? جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني وفد?? جي مٽاسٽا، سياسي مشاورت ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن?? جي باقاعده انعقاد جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاري?? سان ڳنڍيل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اردن ۾ پاڪستا?? جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) محمد اجمل اقبال سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ??يو ته اردن ۾ پاڪستان جو سفير واپار، معيشت، ثقافت ۽ عوامي رابط?? جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن ??يو ته پاڪستان اردن سان پنهنجي ويجهي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ اردن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاري?? سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان اردن سان واپاري، اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ارد?? جي وچ ۾ موجوده لاڳاپ?? جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ??يو ته پاڪستان ۽ اردن هڪ ٻئي جي لاءِ گرمجوشي رکن ٿا ۽ گڏيل خيال رکندڙ آهن. صدر سما??ي، سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اسلامي دنيا خاص طور تي فلسطين ۽ اسلامو فوبيا بابت مختلف معاملن تي پاڪستان ۽ ارد?? جي وچ ۾ نظري?? جي هڪجهڙائي کي ساراهيو. صدر مختلف مسئلن تي ٻين مسلمان ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.