نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت تيزي سان معاشي بحالي ج?? لاءِ پرعزم آهي، اسان پنهنجي پرڏيهي ج?? ذخيرن ۽ پنهنجي ڪرنسي کي مستحڪم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي ج?? 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪي آمدني کي وڌائيندي ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻيندي، ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي ج??هن تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي?? توانائي ۽ آءِ ٽي سميت 28 شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ج?? ۾ ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان منصوبا شروع ڪيا ويندا. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڊگهي مدي واري جاگرافيائي ۽ اقتصادي ترقي ج?? لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ريلوي، بنيادي ڍانچي ۽ مينوفيڪچرنگ جي منصوبن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيا سان ڪ??يڪٽيويٽي منصوبو جلد شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.