اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي يونائيٽيڊ انشورنس ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف يونائيٽيڊ انشورنس ڪمپني آف پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني معاملو 8 سالن تائين لٽڪائي رکيو ۽ شهري جي انشورنس جي رقم ت?? منافعو ڪمايو، انشورنس ڪمپني شهري کي 45 لک ڪليم جي رقم سان گڏ 8 سالن جو منافعو پڻ ادا ڪري. تفصيل موجب ڪراچي جي شهري امتياز احمد پنهنجي ??اڏ?? جي لاءِ 45 لک رپين جي انشورنس پاليسي ورتي، شهري ??اڏ?? کسجي وڃڻ تي انشورنس ڪمپني ??ان 45 لک جي رقم ادا ڪرڻ جو چيو، ڪمپني امتياز احمد پاران ??اڏ?? جي قيمت وڌيڪ ٻڌائڻ جو بهانو بڻائي انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ ??ان انڪار ڪري ڇڏيو. شهري انصاف جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف انشورنس ڪمپني صدر کي اپيل ڪئي. صدر انشورنس ڪمپني جي اپيل کي رد ڪندي ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني ??اڏ?? جو پريميم شهري ??ان 45 لک رپين جي حساب سان وصول ڪيو.