اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، را??دي?? جون سرگرميون نوجوانن کي مثبت طريقي سان پنهنجون توانائيون استعمال ڪرڻ جو م??قع?? فراهم ڪن ٿيون، حڪومت ملڪ ۾ را??دي?? جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا، حڪومت پاڪستان ۾ اسپورٽس جي ترقي ۽ را??دي?? جي فروغ لاءِ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي، حڪومت اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، اولمپڪ وليج قومي منصوبو آهي، اولمپڪ وليج جي تعمير جي لاءِ ڪارپوريٽ اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي ۽ ان جي تعمير جي نگراني ماهر ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ اولمپڪس وليج جي تعمير تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ مارگلا جي دامن ۾ 1200 ڪينال تي اولمپڪس وليج تعمير ڪيو ويندو. اولمپڪس وليج ۾ عالمي معيار جي را??دي?? جون سهولتون جن ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي، عاليم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، هاڪي گرائونڊ، ٽينٽ پيگنگ، ايٿليٽڪس اسٽيڊيم، ان ڊور اسپورٽس، انٽرنيشنل هوٽل ۽ پارڪنگ سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون وي??دي??ن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اولمپڪس وليج جي تعمير جي لاءِ 3 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وزيراعظم اولمپڪس وليج جي تعمير ۾ شفافيت جي عنصر کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.