اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حمزه خان آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ??ڏيو، تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ ف??ڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان جي باصلاحيت نوجوان ح??زه خان سان ملاقات ٿي جنهن تازو ئي آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ??ڏيو، پاڪستان ۾ راندين جي ناڪافي سهولتن جي ??او??ود نوجوان رانديگرن جي اهڙي بهترين ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. مون پاڪستان حڪومت پاران ح??زه کي هڪ ڪروڙ رپين جي ننڍڙي رقم انعام طور ڏني آهي ۽ ان کان واعدو ورتو آهي ته هو تمام جلد پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اهڙي طرح سينيئر عالمي چيمپيئن شپ کٽي پاڪستان جو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر روشن ڪندو. مون تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ ف??ڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن، مون کي پوري اميد آهي ته انهن قدمن کانپوءِ حمزه خان وانگر هزارين نوجوان عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندا.