اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ ح??اي?? جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري کان گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام الحاق ڏهاڙي جي موقعي ت?? پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ رهندڙ ڪشميرين سان پن??نجي ح??اي?? ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هي ڏينهن 1947ع ۾ سرينگر ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ آل ڄمون ۽ ڪشمير مسلم ڪانفرنس پاران هڪ قرارداد جي منظوري جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ ڪشمير کي پاڪستان سان ضم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن چيو ته اسان ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي شديد مذمت ??ري??ن ٿا ۽ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ??ري??ن ٿا ته اهي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪڏهن به پائيدار امن حاصل نه ڪري سگهبو ۽ ان جي حقيقي ترقي جي صلاحيت مان موقعو نه کڻي سگهبو.