اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) کي سندس 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چ??و ته لالڪ جان شهيد ڪارگل جي جنگ ۾ پنهنجي بي مثال جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته لالڪ جان شهيد ڪارگل جنگ ۾ بي مثال جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو. ناردرن لائٽ انفرنٽري جي ان جانباز مجاهد انتهائي مشڪل حالتن ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. شهيد ۽ غازي ??سا?? جو تاج آهن ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي جو فولادي ديوار آهن. وزيرا??ظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ان جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.