اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ??جي?? اجلاس جي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن مطابق اجلاس 24 جون تائين جاري رکيو ويندو. اسپيڪر راجه پرويز اشرف جي ص??ارت هيٺ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ هلندڙ ??جي?? اجلاس کي ڇنڇر 24 جون 2023ع تائين جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ ??جي?? اجلاس جي ايجنڊا ۽ ڪيتري وقت تائين هلڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪميٽي اجلاس ۾ ??جي?? 24-2023ع تي 17 جون تائين عام بحث جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. جنهن کان پوءِ سينيٽ آف پاڪستان طرفان ڏنل سفارشن تي غور ڪيو ويندو ۽ 19 جون 2023ع تي ناڻي وارو وزير ??جي?? 24-2023 تي عام بحث کي سهيڙيندو. غير منظور ٿيل خرچن (چارج ايڪسپنڊيچرز) تي بحث 20 جون تي ٿيندو جڏهن ته ڪٽوتي جي تحريڪن تي بحث 21 ۽ 22 جون تي ٿيندو. فنانس بل، 2023ع تي غور ۽ منظوري 23 جون لاءِ تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 24 جون تي 2021، 2022 ۽ 2023 جي لاءِ گرانٽن جي ضمني مطالبن تي بحث ڪيو ويندو. ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ??جي?? اجلاس ڇنڇر 17 جون ۽ 24 جون تي به جاري رکيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين، مرتضيٰ جاويد عباسي، شازيه مري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، حامد حميد، ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي، صابر حسين خائمخاني، ولانا عبدالاڪبر چترالي، چوڌري ب??جي?? طاهر، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر حسين ۽ قانون سازي واري ايڊيشنل سيڪريٽري ??حم?? مشتاق شرڪت ڪئي.