اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ??يمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پنهنجي فرانس جي ??رڪ??ري دوري جي لاءِ اسلام آباد کان پيرس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي ??جل??س ۾ شرڪت ڪندو. گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سربراهي ??جل??س پائيدار ترقي، توانائي جي متبادل ۽ قابل تجديد ذريعن، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقبل ۾ عالمي مالياتي نظام ۾ تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاورت جو فورم ثابت ٿيندو. وزيراعظم سربراهي ??جل??س ۾ پاڪستان جي جي – 77 ۾ اهم ميمبر ۽ موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ جي سربراهه طور خطاب ڪندو. وزيراعظم پيرس ۾ سربراهي ??جل??س ۾ شرڪت کانسواءِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.