اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) موسيماتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان ??نڌ ۽ بلوچستان ??ي سامونڊي علائقن جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو محفوظ ماڳن تي منتقلي جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن جي هدايتن تي عمل ڪن، سامونڊي طوفان ??ائ??رجوائي جي اڄ خميس ڏينهن سامونڊي علائقن سان ٽڪرائجڻ جي اڳڪٿي آهي، ڪراچي لاءِ ننڍن جهازن جون اڏامون بند ڪيون ويون آهن جڏهن ته عام اڏامن جي حوالي سان ??ڄ شام تائين فيصلو ڪنداسين، وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي مسلسل رابطي ۾ آهي، اين ڊي ايم اي ۽ صو??ائ?? حڪومتون فعال آهن. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير شيري رحمان ٻڌايو ته سائيڪلون ڪافي ڏينهن کان ??ڳڪٿي موجب اڳتي وڌي رهيو آهي، مختلف ملڪن جي سسٽم سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. هي طوفان وڏي شدت سان پاڪستان ۽ انڊيا جي سامونڊي پٽي طرف وڌي رهيو آهي. رستو اهو ئي آهي جيڪو اسان ??ڳڪٿي ڪئي آهي.هن چيو ته ان ??وفان ??و ڪيٽي بندر سان ??ديد ٽڪراءُ متوقع آهي، 140 کان 150 في ڪلوميٽر جي رفتار ??ان هوائون لڳي ر??يو?? آهن، سنڌ حڪومت ان ??ي مانيٽرنگ ڪري رهي آهي. ٺٽو، سجاول، حب سميت ڪراچي جا سامونڊي علائقا متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي، اين ڊي ايم اي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ??ڪومت سان گڏجي وزيراعظم طرفان ??وڙيل ڪميٽي مڪمل طور تي فعال ڪردار ??دا ڪري رهي آهي، سامونڊي علائقن جي طوفان ??بب متاثر ماڻهن لاءِ مختلف سرڪاري عمارتن ۾ رليف ڪيمپس ٺا??يو?? ويون آهن، اتي ماڻهن کي پهچايو ويو آهي، هن وقت تائين 62 هزار ماڻهن کي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ان ??ڄي عمل کي ليڊ ڪري رهي آهي. پي ڊي ايم اي به ان ۾ ڪردار ??دا ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ ڪوسٽ گارڊ، نيوي، رينجرز مقرر آهن، پوليس به فعال آهي. 5 ڪور ڪمانڊر جو ٿورو مڃون ٿا هو ڀرپور تعاون ڪري رهيو آهي. سائيڪلون جي گذري وڃڻ کانپوءِ ان ??ان ٿيل نقصانن جو جائزو ورتو ويندو. هن لڏپلاڻ ڪندڙن کي چيو آهي ته پريشاني فطري ڳالهه آهي پر منصوبابندي ۽ منطق سان ??يڪيورٽي اهلڪارن جي ڳالهه مڃڻي آهي، جيستائين اهي نٿا چون هتان کان نڪرڻو ناهي. ماهيگير وري به نڪري رهيا آهن انهن کي زبردستي واپس آندو پيو وڃي، اسان ??انيون بچائڻ جي مرحلي ۾ آ??يو??، لڏپلاڻ ڪندڙن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ کاڌو ۽ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن، اسان چا??يو?? ٿا ته خوف ۽ هراس نه پکڙي، عوام سمنڊ طرف وڃڻ کان پاسو ڪري، طوفائي هوائون خميس تي انتها تي هونديون، احتياطي تدبيرن طور تي سولر پينل کي محفوظ بڻايو، بورڊ لاٿا پيا وڃن، هن چيو ته وزيراعظم طرفان ??وڙيل ڪميٽي ۾ پاڻي ۽ پيٽروليم وارا وفاقي وزير به ڪميٽي ۾ شامل آهن، وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته پنهنجا اعليٰ عملدار ڪراچي موڪلين. جيڪڏهن ايل اين جي ڪارگو نه پهچي سگهن ته هنگامي حالتن ۾ قدمن جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٽرانسميشن لائينن کي ڪنهن نقصان ??ي فوري بحالي لاءِ عملي جي موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هن چيو ته لڏپلاڻ لازمي آهي ان ??ي ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڪريو جتي منتقل ڪيو پيو وڃي اتي منتقل ٿيو. چوپائي مال جي منتقلي لاءِ هر ممڪن امداد ڪئي پئي وڃي، وقت به وقت هدايتون جاري ڪيون پيون وڃن، ننڍن جهازن جون اڏامون بند ڪيون آهن باقي ڪمرشل اڏامن جي باري ۾ شام تائين فيصلو ڪنداسين، اهي طوفان ??ائ??ر جوائي موسمياتي تبديلي جي ڪري آهي.