اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ??هي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ نه ئي ان جو ڪو خطرو موجود آهي، هن چيو ته ناڻي واڌ معيشت لاءِ واقعي ئي اهم مسئلو ??هي پر اسان ان کي وقت سان گڏوگڏ گهٽ ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان ۾ گهٽائي جي اميد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل حڪ??مت اسٽيٽ بئنڪ کي مڪمل خودمختياري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ حڪ??مت جي مالي مشڪلاتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ته پاليسي ريٽ 14 کان 21 سيڪڙو تي هليو ويو ??هي تنهن هوندي به ان کي هيٺ آڻڻ ۾ وقت ??هر??ل آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ??ه اها ڳالهه تاريخ جو حصو بڻجي وئي ??هي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو ??هي ان سان گڏوگڏ ٻاهرين ادائيگين جي نظام کي به بهتر ڪيو ويو جنهن سبب ليٽر آف ڪريڊٽ جا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ٻاهرين ادائيگين کي به ممڪن بڻايو ويو آهي. هن چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ ناڻي واڌ يا پاليسي ريٽ ته گهٽ نٿو ڪري سگهجي تنهن هوندي به قوم مطئمن رهي ??ه اسان مشڪل وقت مان گذري چڪا آهيون. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ميڊيا جي به اها ذميواري بڻجي ٿي ته هو عوام کي صحيح انگن اکرن کان آگاهه ڪري ته جيئن عوام ۾ جيڪا ڳڻتي جي لهر ڏٺي وڃي ٿي ان ۾ گهٽتائي واقع ٿي سگهي.