??سل??م آباد-09 مئي (اي پي پي) ٻن ڏينهن وارو فليگ شپ ??سل??م آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ (اڄ) اربع ڏينهن پاڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ شروع ٿيندو جنهن ۾ ملڪ کي درپيش اهم چئلينجن ۽ موقعن تي بحث ٿيندي. ٽئين ??سل??م آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جو موضوع ”تڪرار کان اڳتي؟ منسقم دنيا ۾ عالمي ايجنڊا جي نئين سر ترتيب“ آهي. ??سل??م آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ مقامي ۽ علائقائي سطح تي ڪجهه اهم ترين مسئلن تي تنقيدي سوچ ۽ مضبوط فڪري گفتگو لاءِ هڪ پليٽ فارم طور اڀريو آهي. هائبرڊ ايونٽ جي ٽئين ايڊيشن ۾ عالمي مفڪرن ۽ اسڪالرز، تعليمي ماهرن، پاليسي ساز، مشهور عالمي ميڊيا پرسنز، وفاقي ڪابينا جا ميمبر، سفارتي ڪور، اڳوڻا سرڪاري آفيسر، قانوني ماهر، ٿنڪ ??ين??س جا نمائندا ۽ سول سوسائٽي جا ميبمر شرڪت ڪ??دا. ان پروگرام ۾ 7 ويهڪون ٿينديون، جنهن ۾ ”ڪمانڊرز ف??رم: جنگ جي بدلجندڙ نوعيت“، غير يقيني جي دور ۾ تعاون سميت ٻين موضوعن تي غور ڪيو ويندو.