اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي قبائلي علائقن جي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صح?? ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي فاتا جي ضم ٿيل ضلعن جي قبائلي اڳواڻڻ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. قبائلي اڳواڻن جو تعلق مهمند، باجوڙ، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ ايف آر پشاور/ ڪوهاٽ سان هو. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي قبائلي ضلعن کي نظرانداز ڪيو ويو، اڳوڻو ف??ٽا پٺتي پيل آهي، ان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صح?? ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا، خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي صح?? ۽ تعليم جي شعبن کي ترجيحي بنيادن تي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي، علائقي جي ??اڻ??ن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قبائلي علائقن جي ??اڻ??ن ۾ محرومي جو احساس ختم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ ضم ٿيل ضلعن جي ??اڻ??ن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن کي روزگار جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ملڪ جي لاءِ اڳوڻي فاٽا جي عوام جي قربانين کي پڻ ساراهيو. قبائلي اڳواڻن صدر کي علائقي جي رهواسين کي درپيش مختلف مسئلن کان آگاهه ڪندي چيو ته ضم ٿيل ضلعن جا ??اڻ??و رستن، تعليم، صح?? ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهن. قبائلي اڳواڻن چيو ته دهشتگردي جاني ۽ معاشي نقصانن، اندروني چرپر ۽ ??اڻ??ن کي روزگار جي ذريعن کان محروم ڪري انهن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو. هن چيو ته علائقي ۾ ترقي جي صلاحيت موجود آهي جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. قبائلي وفد علائقي ۾ سمورن ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران اڳوڻي فآٽا جي لاءِ فنڊز کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي.