اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صاف ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روايتي ٻارڻ تي پاڪستان جو دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر ج?? پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقامي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته گرين ٽرانسپورٽ آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ پاڪستان کي صاف بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي، گرين ٽرانسپورٽ سان ڪاربن جو اخراج، ماحولياتي آ??ودگي ۽ ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز ضروري آ??ن، ڪاروباري برادري صنعتي اپ گريڊيشن ۽ جدت تي ڌيان ڏي، جديد ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجيز پاڪستان ۾ نئين صنعتن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي آ??ي. صدر چيو ته جديد ٽرانسپورٽ سان نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.