اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس واضح ڪيو آهي ته افغانستان بابت پرڏيهي وزارت ۾ هڪ مڪمل ڊويزن قائم آهي جنهن جي سربراهي افغانستان ۽ اولهه ايشيا بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شا??ه ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس گذريل ڏينهن جي پريس بريفنگ جي حوالي سان چيو آهي ته افغانستان بابت ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ قائم ڊويزن پنهنجون ذ??يو??ريون پوري م??نت ۽ جذبي سان ادا ڪري رهي آهي ۽ اها اڳ??ي به پنهنجون ذ??يو??ريون نڀائيندو رهندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران بريفنگ دوران سوال ڪيو ويو هو ته گذريل هفتي وزيراعظم جي خاص معاون محمد صادق جي عهدي تان مستعيفي ٿيڻ کانپوءِ ان جي غيرموجودگي ۾ افغانستان جي م??املن کي پاڪستان ۾ اعليٰ سطح تي ڪير ڏسي رهيو آهي.