اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ”گهڙيءَ چور، توشه خ??نه چور پيش ٿئي“ جا آواز هنيا پيا وڃن پر عمران خان گم آهي، عمران خان پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيل ڀرڻ جو شوق به پورو ٿي ويندو. پنهنج?? بيان ۾ هن چيو ته عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪٿي آهي؟ جواب مليو ”وقت جو نه ٿا ٻڌائي سگهون“ عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪهڙي وقت پيش ٿيندو، جواب مليو ”عمران خان سان رابطو نه ٿي رهيو آهي“ عدالت گهڙيءَ چور جي حاضري جو پڇي رهي آهي جيڪو اڃا تائين پيش ناهي ٿيو، فارن ايجنٽ ضمانت ڪرائڻ بئنڪنگ ڪورٽ تي مهرباني ڪري رهيو آهي، توشه خ??نه ڪيس ۾ فرد جرم لڳڻي آهي اتان به هي مفرور آهي، واهه ڀئي واهه. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف ڌيءَ سان گڏ روزانو عدالت پيش ٿي سگهيو پئي ته عمران خان، بشريٰ ب?? بي ۽ فرح گوگي سان گڏ ڇو ??ه ٿو پيش ٿي سگهي؟ عمران خان ڏٺئي! وقت اچڻ تي جواب پاڻ ئي ڏيڻو پوندو آهي، بشريٰ ۽ گوگي به ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته گهڙيءَ چور ۽ فارن ايجنٽ سڌو جيل ويندو يا سڌو عدالت. گهڙيءَ چور فارن ايجنٽ جواب ڏجان ته توشه خ??ن?? ڇو ڦريو؟ خانه ڪعبه جي گهڙيءَ ڇو ??ڪرو ڪئي؟ بشريٰ ب?? بي توشه خ??نه جي هيرن جا هار ڇو ??ڪرو ڪيا؟ عدال?? ۾ ??يش ٿي جواب ڏيو. هن چيو ته فارن ايجنٽ جواب ڏي ته خيرات جا پئسا سياست تي ڇو ??ڳايا؟ پنهنجي ملازمن جي نجي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ ڇو استعمال ڪيو؟ شوڪت خانم اسپتال جي خيرات جا پئسا پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڇو ??ڳايا؟ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب کان لکين ڊالر ڇو ??رتا؟ خيرات جو پئسو سياست ۾ ڇو ??ڳايو؟ فارن فنڊنگ ملڪ جي خلاف ڇو استعمال ڪئي؟