اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني ڊ??ڪٽ??ن، پيراميڊڪس ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دو??ئون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سندس به ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، مون ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ جاني ۽ م??لي نقصان تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، مون کيس چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي هر قسم جي مدد جي لاءِ گڏ بيٺل آ??ي. هن چيو ته پاڪستاني ڊ??ڪٽ??ن، پيراميڊڪس ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ مدد جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دو??ئون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو.