اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چمن ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز پاران اشتعال انگيز فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عار?? علوي اميد ظاهر ڪئي ته واقعي ۾ ملوث م??ڻه?? جي خلاف افغان حڪومت پاران سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سرحد جي ٻنهي طرفن شهري آبادي جو تحفظ ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي ذميواري آهي. صدر واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاءِ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر زخمين جي جل?? صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.