اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري مان خصوصي ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ ختم ڪرڻ جي لاءِ قومي ۽ صوبائي سطح تي هڪ ٺوس آگاهي مهم جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اُجرت ڏيندڙ خصوصي ماڻهن جي معذوري کي نظر ۾ رکندي خصوصي نوڪريون پيدا ڪن ته جيئن ان??ن جي مڪمل صلاحيتن ??ي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ پاران ايوان صدر ۾ معذور ماڻهن جي رجسٽريشن بابت بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته تربيتي ادارا خصوصي ماڻهن جي شم??لي?? جي لاءِ قدم کڻن، خصوصي نصاب ۽ ٽيڪينڪ جوڙين، سڄي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي معذوري ??و جائزو وٺڻ جي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي ٽرمز آف ريفرنس ۽ طريقيڪار کي هڪ جهڙو هجڻ گهرجي، هن تعليمي ادارن ۾ خصوصي ماڻهن سان بنا ڪنهن فرق جي سلوڪ ۽ مڪمل پهچ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. صدر معذور ماڻهن جي نادرا ۾ رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪ??ڻ، صحت جي سهولتن جي فرهامي، ان??ن جي معذوري ??ي سطح ۽ ان??ن جي نوعيت جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ هڪ جهڙي، ٺوس سهولت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري ??ا انتهائي برابر ميمبر آهن ۽ ان??ن جي شم??لي?? هڪ مضبوط ۽ صحتمند معاشري ??ي ترقي لاءِ ضروري ??هي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اُجرت ڏيندڙن کي گهرجي ته اهي خصوصي ماڻهن جي معذوري کي نظر ۾ رکن ۽ ان??ن جي لاءِ خصوصي نوڪريون پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ان??ن کي معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪن ته جيئن ان??ن جي مڪمل صلاحيتن ??ي استعمال ۾ آڻي سگهجي. صدر خصوصي ماڻهن کي مفت خدمتون فراهم ڪرڻ، ان??ن جي لاءِ خصوصي ڪ??ئونٽرز قائم ڪرڻ ۽ ان??ن جي لاءِ سمورين خدمتن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ پنهنجي ڪيترن ئي مرڪزن ۾ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پهچ پيد ڪرڻ تي نادرا کي ساراهيو. صدر مختلف سطحن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ پيش ڪئي ويندڙ مختلف مراعتن ۽ اسڪيمن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، جن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وظيفو، ميٽرو بس سروس، بي آر ٽي پشاور، ريلوي ۽ پي آءِ اي ۾ رعايت شامل آهي، خصوصي ماڻهو ان??ن خدمتن فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ پنهنجي صلاحيت کي وڌائي سگهن ٿا. صدر نادرا پاران جووينائل ڪارڊ جاري ڪ??ڻ کي پڻ ساراهيو ۽ 5 کان 9 سالن جي عمر جي خصوصي ماڻهن جي لاءِ پلاسٽڪ تي ٻڌل ڪارڊ ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪا خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪارائتا هوندا ۽ ان??ن کي رکڻ آسان هوندو. هن چيو ته معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ نادرا پاران تيار ڪيل بهترين طريقن ۽ ان??ن کي خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٻين وفاقي ادارن جي بهترين طريقن کي سمورن صوبن سان هر سطح تي شيئر ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان??ن کي بهتر سهولتون فراهم ڪري ??گهجن. هن اٽڪل 6 لک رجسٽرڊ معذور ماڻهن جي رڪارڊ کي برقرار رکڻ تي نادرا کي ساراهيو. هن چيو ته ان تناسب کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر خصوصي ماڻهن کي مفت خدمتون فراهم ڪرڻ، خصوصي ڪ??ئونٽرز قائم ڪرڻ تي نادرا کي ساراهيو. صدر نادرا ۾ رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪ??ڻ سميت ٻين سهولتن جي هڪ جهڙي ۽ ٺوس فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري ??ا برابر ميمبر آهن، ان??ن جي شم??لي?? مضبوط ۽ صحتمند معاشري ??ي لاءِ ضروري ??هي.