اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان حوثين پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي مذمت ڪندي سعودي عرب سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي خلاف ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو. ترج??ان چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختيار?? ۽ ??لائقائي سلامتي سان گڏوگڏ يمن ۾ پرامن حل جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو. پاڪستان يمن ۾ تڪرار جي سمورين ڌرين تي مسلسل زور ڏنو آهي ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پرامن ۽ بامعنيٰ ڳالهين ۾ حصو وٺن. ترج??ان چيو ته هلندڙ سال جي شروع ۾ طئي ٿيندڙ جنگبندي جي نتيجي ۾ امن قائم ڪيو جنهن جو فائدو ٿيو جيتوڻيڪ اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته حوثين پاران جنگبندي جي تجدي?? نه ڪئي وئي، جيڪا يمن جي عام شهرين جي لاءِ مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجندو ۽ امڪاني طور تي پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جي سڀني ڪوششن کي پٽڙي تان لاهي ڇڏيندو. ترج??ان پنهنجي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حوثين تي زور ڏنو ته اهي عسڪري سرگرمين ۽ دهشتگرد ڪاررواي??ن بند ڪن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي بنياد تي تڪرار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿي گڏيل قومن جي ثالثي ۾ ٿيندڙ جنگبندي جي تجديد ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته جنگ جو ڪو به مقص?? نه آه?? ۽ ??ڀني مسئلن تي پرامن ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. ترج??ان چيو ته ان رستي کي جلد اخ??يار ڪرڻ سان هزارين معصوم جاني??ن بچي وينديون ۽ يمني عوام جي مستقبل جي به حفاظت ٿيندي.