اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن ??اري ڪميٽي جي ??يئرمين سينيٽر رابرٽ مينينڊيز سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻوڏ سان ٿيندڙ ت??اه?? جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا جي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري تعاون جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيئرمين مينينڊيز کي ٻوڏ سان ٿيندڙ ت??اه?? جي اثرن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي ت??اه??ن سان گڏوگڏ اهو انساني صحت، خوراڪ جي حفاظت ۽ اقتصادي رخن جو هڪ مشڪل بحران آهي. هن آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن ??اري ڪميٽي جي ??يئرمين تي زور ڏنو ته هو آمريڪي ڪانگريس ۾ حمايت کي متحر?? ڪري، جيڪا تاريخي طور تي اهڙي قسم جي قدرتي آفتن دوران پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل رهي آهي. سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن ??اري ڪميٽي جي ??يئرمين ٻوڏ سان ٿيندڙ ت??اه?? تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان کي ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي قابل بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه هڪ اهم سنگ ميل آهي، ٻنهي ملڪن گڏجي ??م ڪري تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. سينيٽر رابرٽ مينينڊيز پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ??ردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي.