اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) انسان?? حقن واري وفاقي وزير ميان رياض حس??ن پيرزاده چيو آهي ته حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني ڪشميري تحريڪ آزاديءَ جي علامت هو جنهن هميشه اهو نعرو بلند ڪيو ته اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان اسان جو آهيو. هي نعرو هاڻي دنيا جي هر حصي ۾ گونججي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ناليواري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراجِ تحس??ن پيش ڪرڻ لاءِ رٿيل هڪ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن جو اهتمام ريڊيو پاڪستان ۽ يوٿ فورم براءِ ڪش??ير ڪيو هو. تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪش??ير تڪرار حل ٿيڻ گهرجي ۽ سيد علي گيلاني جي جدو??هد کي اصل خراجِ عقيدت اهو آهي ته اسان ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ هلندڙ آزاديءَ واري تحريڪ لاءِ آواز بلند ڪندا رهون. ڀارت طرفان ڪشميرين تي ٿيل ظلم دنيا آڏو واضح ڪندا رهون. هن چيو ته ڀارت 1947ع کان 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني عمل ۽ قدم خاص طور تي ظلم ۽ ستم ڪري رهيو آهي. ان کي پاڪستان اڳ ۾ به بي نقاب ڪندو آيو آهي ۽ آئينده پڻ هر فورم تي ڪشميري عوام جي ترجمان جاري رکندو. وفاقي وزير گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل تي زور ڀريو ته هو ان غير معمولي تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻن.