پشاور – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ سٽيل ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو جتي هو ٻارن سميت ٻو?? متاثرين سان مليو ۽ انهن کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. ٻو?? متاثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم نوشهره ضلعي جي ٻو?? متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ??ه حڪومت انهن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. شهباز شريف چيو ??ه حڪومت آخري ٻو?? متاثر جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته وف??قي ۽ صوبائي حڪومتون پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا قومي تعميراتي ادارا ٻو?? متاثرين تائي?? پهچڻ ۽ انهن کي هنگامي بنيادن تي ضروري امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهن، ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ رستن جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم اميد ظا??ر ڪئي ته ملڪ ٻوڏ جي موجوده صورتحال مان ڪاميابي سان نڪري ايندو ۽ متاثرين پنهنجي معمول واري زندگي طرف واپس ويندا. وزيراعظم ڪئمپ جي اندر ٻو?? متاثرين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. شهباز شريف متاثرين کي چيو ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل جي آفتن کان اسان جي عوام جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن سان پيار جو اظهار ڪيو. وف??قي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ايم پي اي اختيار اردلي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.