اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي مختلف ملڪن جي پاڪستان جي لاءِ نامزد سفيرن ايوان صدر ۾ سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ نامزد آمريڪي سفير ڊونلڊ آرمن بلوم، ترڪيه جي نامزد سفير ڊاڪٽر محمت پاچاجي، آسٽريليا جي نامزد سفير نيل ??اڪنز، يورپين يونين وفد جي نامزد سفير رينا ڪيونڪا، سوڊان نامزد سفير صالح محمد احمد محمد صديق ۽ ڀوٽان جي نامزد سفير (غيرمقيم سفير) رنچي?? ڪيو اينٽسل صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون.