اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ 23 – 2022ع کي پاڪستان جي معاشي بهتري ۽ استحڪام طرف ٺوس قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته انتهائي خراب معاشي حالتن ۾ ايتري بهترين بجيٽ اتحادي حڪومت جي ??خلاص ۽ قابليت جو مظهر آه??، اتحادي پارٽين جي قائدين، ڪابينا ميمبرن جي قيمتي جويزن ۽ راءِ جي لاءِ انهن جا ٿورا مڃان ٿو، ملڪ جي ڪاروباري برادري جا به ٿورا مڃان ٿو جن قيمتي تجويزون ڏئي اسان جي ??هنمائي ڪئي. ڪابينا جي ??صوصي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي بجيٽ 23 – 2022ع ملڪ کي سنگين معاشي بحرانن مان ڪڍڻ جو نسخو آه??، اسان پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن. هن ??يو ته بجيٽ ۾ سرند?? وارن کان قرباني گهري وئي آهي ۽ ڪمزور طبقن کي آساني ڏني وئي آهي. هن ??يو ته معاشري جي ??رند?? وارن طبقن کي مشڪل حالتن ۾ غريبن جي مشڪلاتن جو بار کڻڻ ۾ وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ ۾ زراعت، صنعت، واپار، آءِ ٽي، فلم ۽ ثقافت سميت هر شعبي جي ??هتري جي قدمن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، پهريون ڀيرو زراعت کي ٽيڪس ڇوٽ ملي آهي جنهن سان زراعت ۽ آبادگار کي هڪ نئين معاشي زندگي ملندي، زرعي مشينر??، اوزارن، ٻجن کان وٺي ان شعبي سان واڳيل شين ۽ اوزارن کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ سان ملڪ ۾ گرين انقلاب ايندو، انهن تاريخي قدمن سان نه رڳو جنسن ۽ اسان جي فصلن جي پيداوار وڌندي پر انشاءَ الله ملڪ ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن ??يو ته فلمي صنعت جي ??حالي لاءِ ايترو وڏو ??يليف ڪنهن حڪومت ناهي ڏنو. وزيراعظم چيو ته هي مالياتي نظم ۽ ضبط، ٽيڪس نظام جي ??صلاح، جرئتمنداڻي هدفن ۽ پگهاردار جي ??ئينه دار بجيٽ آه??، انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ ذريعي پگهاردار ۽ گهٽ وسيلن وارن جي ??مدني وڌندي، سستو پيٽرول ۽ سستو ڊيزل اسڪيم پورو سال جاري رهندي. هن ??يو ته توانائي، تعليم، صحت، روزگار، ڪاروبار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، شاگردن، نوجوانن ۽ عورتن جي لاءِ مراعتون ڏنيون ويون آهن. هن ??يو ته حڪومت بلوچستان جي ??اگردن ۽ نوجوانن جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين دوستي جي ??ظيم منصوبي سي پيڪ تي ڪم جي ??فتار تيز ڪنداسين، سي پيڪ تحت اسپيشل اڪنامڪ زونز انشاءَ الله پاڪستان ۾ روزگار، ڪاروبار ۾ اضافي ۽ غربت جي ??اتمي جا مرڪز بڻجندا. هن ??يو ته هڪ سال ۾ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي ??ديد بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ڪنهن معاشي معجزي کان گهٽ نه هوندو، اسان سياسي مفاد جو نه سوچيو پر پاڪستان ۽ 22 ڪروڙ عوام جي مفاد کي ڏٺو آهي. هن بجيٽ تياري ۾ شريڪ سموري ٽيم خاص طور تي ناڻ?? واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس سمورن ساٿين کي شاباس ڏني.