اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئ??ن ۽ قانون م??جب هلنداسين ته ملڪ اڳتي وڌندو، اسان کي انتشار ۽ ورڇ جي سازش کي روڪڻ ۽ ملڪ کي پرامن ۽ خوشحالي بڻائڻو آهي، سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ بخوبي انجام ڏنو آهي، سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪار آئ??ن ۽ قانون تحت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار چڱي طرح نڀايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊ زون جي دوري جي موقعي تي ڪيو، ان موقعي تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف به ساڻس گڏ هو. وزيراعظم سيڪيورٽي اهلڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فرضن جي بهترين انجام دهي تي خرا?? تحيسن پيش ڪيو ۽ سيڪيورٽي مقرر اهلڪارن جي جذبي کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن آئ??ن ۽ قانون م??جب پنهنجا فرض سرانجام ڏنا آهن. اهو قومي فرض آهي، ملڪ اسان سڀني جو آهي، قوم به اها ئي اميد ڪري ٿي ته ذاتي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪري آئ??ن ۽ قانون م??جب هلنداسين ته ملڪ ترقي، خوشحالي، اتفاق طرف وڌندو، وزيراعظم چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ملڪ جي مفاد لاءِ آئ??ن ۽ قانون جو رستو وٺندي سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن پنهنجا فرض سرانجام ڏنا آهن، اهو ئي قائداعظم جو خواب هو، اسان سڀني کي گڏجي ايثار، قرباني، حب الوطني جي جذبي سان ملڪ کي تعمير ڪر??و آهي ۽ نفرت کي ختم ڪر??و آهي. محبت ۽ قومي جذبي کي فروغ ڏيڻو آهي، مشڪل حالتن ۾ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جو فرض چڱي طرح سرانجام ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي ملڪ کي قائداعظم جو پاڪستان ٺاهينداسين، وزيراعظم پاڪستان رينجرز، اسلام آباد پوليس، ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خرا?? تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جون دعائون توهان سان گڏ آهن، اسان جي دعا آهي ته ملڪ امن ۽ خوشحالي، ترقي طرف وڌي، انتشار ۽ ويڇي کي اسان کي روڪڻو آهي، قوم جي اندر تقسيم در تقسيم پيدا ڪر?? جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان سازش کي به اسان کي روڪڻو آهي، ان موقعي تي وزيراعظم سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن سان هٿ ب?? ملايو ۽ پاڪستان زنده باد جا نعرا به لڳايا.