اسلام آباد – 20 – مئي (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو آهي ته هڪ ماڻهو جي ضد، انا ۽ تڪبر جي ڪري نيڪٽا کي چئن سالن تائين نظرانداز ڪيو ويو، اڳوڻي حڪومت جي لاپرواهي سبب اڄ دهشتگردي جي واقعا ٻيهر ٿي رهيا آهن، وزيرا??ظم دهشتگردي جي حوالي سان 8 اجلاس چيئر ڪري چڪو آهي، هو صوبائي ۽ وفاقي ڌرين سان گڏ رابطا ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو انهن کي ضد، انا ۽ تڪبر جا مسئلا ناهن. قومي اسيمبلي ۾ مولانا عبدالاڪبر چترالي ۽ ڊاڪٽر فهميده مرزا پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو ته دهشتگردي پاڪستان جي اندر ٻيهر ڪر کڻي رهي آ??ي، گذريل چئن سالن ۾ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جو اجلاس طلب ناهي ڪيو ويو، نيڪٽا کي وزيرا??ظم چيئر ڪندو آهي، هن چيو ته اڳوڻي وزيرا??ظم محمد نواز شريف 2014ع ۾ پهرين سيڪيور??ي پاليسي ڏني آ??ي ان کانپوءِ قومي ايڪشن پلان ٺاهيو ويو، قومي ايڪشن پلان ۾ سڀني صوبن، سڄي قوم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ وفاقي اڪاين کي شامل ڪري دهشتگردي جي خلاف حڪمت عملي جوڙي وئي، جيتوڻيڪ گذريل چئن سالن ۾ هڪ ماڻهو جي ضد، تڪبر ۽ انا جي ڪري ان کي نظرانداز ڪيو ويو. اڳوڻي وزيرا??ظم پوليو، دهشتگردي ۽ ٻين اهم اشوز تي صوبن سان ڪا مشاورت ناهي ڪئي. نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن جي ڪردار جي باري ۾ هڪ طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، مريم او??نگ??يب چيو ته مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي حڪمت عملي جي ڪري دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي هئي جيتوڻيڪ بدقسمتي سان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺاهيل انفرااسٽرڪچر ۽ مالياتي ۽ ڪوآرڊينيشن جو ڪم بند ڪري ڇڏيو هو، هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ پوليو جا چار ڪيس سامهون آيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير رڪارڊ تي اها ڳالهه چئي آ??ي ته جڏهن هن پوليو جي حوالي سان وزيرا??ظم سان ڳالهه ڪئي ته ان کي ٻڌايو ويو ته اهو وقت جو زيان آهي، اڳوڻي حڪومت جي لاپرواهي جي ڪري اڄ دهشتگردي جا واقعا ٻيهر ٿي رهيا آهن، حڪومت سڄي قوم، چئني صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ متحد ٿي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ڪندي، هن چيو ته وزيرا??ظم شهباز شريف پنهنجي پهرين گڏجاڻي دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان ڪئي هئي، نيڪٽا جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گهرو وزير کي هدايت ڪئي وئي آ??ي ۽ ايندڙ هفتي ان حوالي سان اجلاس ٿيندو. هن چيو ته پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ وزيرا??ظم گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ايندڙ هفتي طلب ڪيو آهي، هن چيو ته وزيرا??ظم دهشتگردي جي حوالي سان 8 اجلاس چيئر ڪري چڪو آهي، هو صوبن ۽ وفاقي اڪاين سان رابطا ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو ان کي ضد، انا ۽ تڪبر جا مسئلا نه آهن. ان کان اڳ شگفته جماڻي اعتراض واري نقطي تي چيو ته سنڌ ۾ پيپر آئوٽ ٿيڻ نئين ڳالهه نه آهي، مجاز اٿارٽي فورن رد عمل ڏنو هو، ان ڳالهه کي ڪليئر ڪيو ويو هو ته پيپر سيلڊ آهي ۽ اهو ئي پيپر ٻي ڏينهن آيو، هن چيو ته جيڪب آباد، حيدرآباد شديد گرمي جي زد ۾ آهن، حيسڪو جو طريقيڪار نامناسب آهي، 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، ماڻهن جو گرمي سبب برو حال آهي، وفاقي وزير بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ان حوالي سان اسپيڪر جي رولنگ اچڻ گهرجي، ڊاڪٽر فهميده مرزا اعتراض واري نقطي تي چيو ته لوڊشيڊنگ سان عوام جو جيئڻ جنجال آهي، امتحان ڏيندڙ ٻار بيهوش ٿي رهيا هئا، ٻار اسان جو مستقبل آهن جيڪڏهن ٻارن کي انرولمينٽ ڪارڊ به نه مليا ته ان مان صورتحال جو اندازو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 14 سالن ۾ صوبائي حڪومت معياري تعليم جي حوالي سان هڪ نظام نه ڏئي سگهي آ??ي، مولانا عبدالاڪبر چترالي اعتراض واري نقطي تي چيو ته لنواري ٽنل کان اڳتي روڊ تي هڪ سال کان ڪم بند آهي، اپر ۽ لوئر چترال ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، پيسڪو ۽ پيڊو ماڻهن کان پئسا وٺي رهي آ??ي، پر ان جي باوجود 12 کان 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، مسلم ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۾ چترال ۾ ايل پي جي اسٽيشنن لاءِ پئسا رکيا ويا، ٽن سالن کان ڪو به ڪم ناهي ٿيو، اهي زمينون وڪرو ڪيون پيون وڃن، ان سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آ??ي.