اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف راول چوڪ ف??ائ?? اوور منصوبو پهرين سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وز??را??ظم محمد شهباز شريف راول چوڪ ف??ائ?? اوور منصوبي جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وز??را??ظم کي منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وز??را??ظم شهباز شريف ترقيايت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهن کي وقت سر ۽ جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هداي ڪئي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته قومي وسيلن جي زيان ۽ ترقياتي منصوبن ۾ دير کي برداشت نه ڪيو ويندو. پراجيڪٽ انتظاميا پاران بريفنگ ۾ وز??را??ظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته راول چوڪ ف??ائ?? اوور منصوبي ۾ بنا سبب جي دير ڪئي وئي ته جيئن ان جي لاڳت کي وڌائي سگهجي جڏه?? ته وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻين منصوبن جا ٺيڪا ايف ڊبليو او ۽ اين ايل سي کي ڏنا ويا آه?? ته جيئن انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وز??را??ظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان جڏهن به اسلام آباد آيس ته ترقياتي منصوبن جي سستي کي ڏسي افسوس ٿيو. ان حوالي ??ان لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته غريب قوم جي پئسي جي زيان کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ذميواري جي احساس کي يقيني بڻايو وڃي، ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻائي منصوبن جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي ??ان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. وز??را??ظم راول چوڪ ف??ائ?? اوور منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي هدايت ڪندي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن دير جا سبب معلوم ڪري سگهجن ۽ ذميوارن کي سزا ڏئي سگهجي. وز??را??ظم منصوبي جي دير تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ننڍو منصوبو به ٻن سالن ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو جڏهن ان عرصي ۾ ته ميگا پراجيڪٽ مڪمل ٿي سگهي ٿو. وز??را??ظم شهباز شريف منصوبي جي لينڊ اسڪيپنگ بابت پڻ پڇيو ۽ چيو ته ان جي لينڊ اسڪيپنگ کي به يقيني بڻايو وڃي. هن منصوبي کي پهرين سيپٽمبر 2022ع تائين لازمي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته منصوبي جي ڪوالٽي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته راول چوڪ ف??ائ?? اوور منصوبي جي شروعات آڪٽوبر 2020ع تيي ٿي هئي ۽ ان کي ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. منصوبي جي دير جي سببن کي ختم ڪندي ان کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. وز??را??ظم شهباز شريف ترقياتي منصوبن جي دير کي برداشت ناهي ڪندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن منصوبي جي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. منصوبي تي 48 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي.