اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? سان بحرين جي سندس هم منصب عبدالط??ف الزياني ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اچڻ تي بحرين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزخيرن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اه?? علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بحرين سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي تڪرارن جي حوال?? سان معاملا پڻ بحث هيٺ آيا، بحريني پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.