اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪس??ان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪس??ان اچڻ تي سندس مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم عمران خ??ن وزيراعظم هائوس اچڻ تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن ج?? قومي ترانا وڄايا ويا. ازبڪ صدر جي مان ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ازبڪ صدر گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم عمران خ??ن معزز مهمان سان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم سان ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو تعارف ڪرايو. ازبڪ صدر وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي بعد ۾ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفا علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ آڻيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. ازبڪ صدر جو پاڪس??ان جو ٻن ڏينهن جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪس??ان وچ ايشيائي رياستن سان پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. شوڪت مرزايوف جو تازو دورو ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. ان کان اڳ ازبڪس??ان جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪس??ان پهتو ته وزيراعظم عمران خ??ن ايئرپورت تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ازبڪ صدر کي ٻا??ن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. ازبڪس??ان جو صدر پاڪس??ان جي دوري دوران ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خ??ن سان ملاقاتون ڪندو. پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن.