اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان گڏيل قومن جي انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ (يونيسيف) جي نئين مقرر ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل ملاقات ڪئي ۽ پ??ڪس??ان ۾ يونيسيف جي پروگرام ۽ افغانستان ۾ انساني همدردي بابت قدمن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. و??ير??عظم حڪومت ۽ يونيسيف جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي اهم قدمن ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان جي ٺوس قدمن تي روشني وڌي. و??ير??عظم کيس ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ حڪومت جي ترجيحي قدمن کان آگاهه ڪيو، ??ن ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخل??ئن ۾ اضافي، حفاظتي ٽيڪن جي پروگرامن ۾ وسعت، ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري تعليمي نظام جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جهڙا قدم شامل آهن. و??ير??عظم افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ پ??ڪس??ان جي ڪوششن بابت پڻ ٻڌايو. هن گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي امدادي سرگرمين ۾ مدد جي لاءِ پ??ڪس??ان پاران قائم ڪيل ”انساني همدردي جي لنگهه“ جو حوالو ڏنو. يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ پ??ڪس??ان حڪومت جي تعاون کي ساراهيو ۽ پ??ڪس??ان سان حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ يونيسيف جي عزم کي ورجايو. هن افغانستان ۾ يونيسيف جي ڪم ۾ پ??ڪس??ان پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد تي پڻ و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا. يونيسيف پ??ڪس??ان جو هڪ اهم ترقياتي حصيدار آهي ۽ حڪومت سان خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن بابت مسئلن جي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.