اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين چيو آه?? ته شريف فيملي دلچسپ ۽ عجيب فراڊ ڪيا آه??، انهن جي خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ ب??قاعده ٽرائل شروع ٿيندو، اهو ڪيس سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير قوم کي مبارڪباد ڏني ته هڪ ڊگهي جاچ کانپوءِ آخرڪار 18 فيبروري تي ??هباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ ب??قاعده ٽرائل شروع ٿيندو، ان جاچ ۾ 14 هزار بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ان دوران حيرت انگيز تفصيل سامهون آيا، هن چيو ته مقصود، شهباز شريف جي ملز ۾ نوڪر هو، ان جو پگهار 25 هزار روپيا هو، ان جي نالي تي ??ڪائونٽ کليو ۽ 4 ارب روپيا ان جي اڪائونٽ مان ٿيندا شريف فيمل?? جي اڪائونٽس ۾ پهچي ويا، وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح جي درجنين دلچسپ ۽ عجيب فراڊ شهباز شريف جي ان ڪيس جو حصو آه??، هن درخواست ڪئي ته ان ڪيس کي سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي.