اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ مثبت تبديلي جي لاءِ مولانا ظفر علي خا?? جي صحافتي ميراث تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن م??لانا ظفر علي خان ٽرسٽ جي چيئرمين خالد محمود جي قيادت ۾ وفد سان م??اقات دوران ڪيو. صدر چيو ته مولانا ظفر علي خان اردو ادب ۽ ذميواراڻي صحافت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا کي ملڪ ۾ باوثوق ۽ غيرجانبدار صحافت جي فر??غ لاءِ مولان?? جي نظرين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مولان?? جي تعليم قوم جي تعمير ۽ فيڪ نيوز جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر علي خان کي هڪ رول ماڊل قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا کي ا?? جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي، ايندڙ نسلن کي صحافت، ادب، فنون ۽ تاريخ جي شعبن ۾ مولان?? جي زندگي ۽ ڪارنامن کان روشناس ڪرائڻ گهرجي. وفد پاران صدر کي مولانا ظفر علي خان م??موريل ٽرسٽ جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. وفد مولان?? جي صحافتي ۽ ادبي لکڻين کي محفوظ ۽ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ٽرسٽ جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرسٽ مولان?? جي فلسفي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ا?? جي زندگي بابت تحقيقي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر علي خان مرحوم جي ادبي تخليق?? جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.