اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي ڪيچ بلوچستان ۾ فوجي چوڪي تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي ش??يد مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر سپوٽن جي جرئت ۽ بهادري کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. شاهه محمود ??ريشي چيو ته ملڪ جي تحفظ خاطر، شهادت ماڻيندڙن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته امن دشمن عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي دم پٽين??اس??ن. دهشتگردي جي خلا?? پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پرڏيهي وزير شهيدن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.