اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪس??ان ۽ سريلنڪا جي وچ م موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ سريلنڪا آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي استعمال ۾ آڻيندي ٻط??فن واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي واپار واري وزير ڊاڪ??ر بندولا گنا ورڌنا ۽ علائقائي تعاون واري رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهائيندي چئي جن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر گنا ورڌنا ۽ ٿراڪا بالا سوريا سريلنڪا جي هڪ واپاري وفد سان گڏ هن وقت 20 کان 27 جنوري 2022ع تائين پاڪس??ان جو دورو ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻط??في تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪس??ان سريلنڪا ايف ٽي اي کي استعمال ۾ آڻيندي ٻط??فن واپاير لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪس??ان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مضبوط ثقافتي رش??ن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم سريلنڪن وفد جو ڌيان پاڪس??ان جي تاريخي ٻڌمت ثقافتي ورثي طرف ڇڪرايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سريلنڪن شهري وڏي انگ ۾ مذهبي سياحت جي لاءِ پاڪس??ان ايندا. ڊاڪ??ر بندولا گنا وڌرني سريلنڪا جي لاءِ گرم جوشي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪس??ان سان واپار، آءِ سي ٽي، فارماسيوٽيڪل، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، تعليم، دفاع، سياحت، انساني وسيلن جي ترقي جي مختلف شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن، گڏيل منصوبن، اعليٰ صلاحيتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ پاڪس??ان سان تعاون کي سگهه ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.