گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي روانگ?? واپار جي فروغ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ل??ءِ پاڙيسري ملڪن سان سرحد ت?? واپار وڌيڪ آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سرحد?? واپار ۾ اضافي ۽ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ خوشحالي آڻڻ ل??ءِ رستن جي بنيادي ڍانچي کي اپ گريڊ ڪن، ٽيلي ڪميونيڪيشن جون سهولتون فراهم ڪن ۽ ڪراسنگ پوائنٽس تي بينڪنگ چئنلز قائم ڪري موجوده سرحدي علائقن کي سموريون سهولتون مهيا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهي هدايتون جمعي ڏينهن گوادر ۾ بلوچستان ۾ بارڊر اينڊ ٽريڊ مينيجمينٽ جي حوالي سان فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏن??ون. اجلاس ۾ وزيراعظم ج?? واپار ۽ سيڙپڪار?? واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، ڪمانڊر ڪوسٽ پاڪستان نيوي ريئر ايڊمرل جاويد اقبال، ڪمانڊر ويسٽ پاڪستان نيوي ريئر ايڊمرل جواد احمد، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد، سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين خالد منصور، اوگرا چيئرمين مسرور خان، بلوچستان جي چيف سيڪريٽري مظهر نياز رانا ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي 3 جنوري 2022ع تي ايوان صدر، اسلام آباد ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ حڪومت بلوچستان پاران اٿاريل مختلف مسئلن جي صورتحال تي بريفنگ ڏن?? وئي. اجلاس کي سرحد?? واپار?? مسئلن ۽ گوادر جي ساحلي علائقن ۾ غير قانوني ماهي گيري بابت به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته گوادر جي شهرين کي بينادي ضرورتن جي فراهمي ل??ءِ ضروري بنيادن تي ڪم 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين ٻڌايو ته گوادر جي عوام کي 1.2 ملين گيلن روزاني (ايم جي ڊي ) پاڻي جي فراهمي جومنصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، اجلاس کي گوادر ايئرپورٽ ۽ اسپتال جي ترقي تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ بريفنگ ڏن?? وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ۽ سهولت ل??ءِ اين او سي جاري ڪرڻ عمل کي هموار بڻايو ويو آهي ۽ هاڻي اين او سي چئن هفتن ۾ جاري ڪئي ويندي. اوگرا چيئرمين شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته صوبي جي تيل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ل??ءِ بلوچستان ۾ اسٽوريج جي سهولتن ۽ لائسنس رکندڙ بهترين 10 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي صوبي جي هر ضلعي ۾ 2 اضافي پيٽرول پمپ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن جو تعداد گهٽ ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي کي به ساراهيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته بلوچستان جي سرحدي علائقن سان تعلق رکندڙ واپارين کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي بئنڪن کي سرحد?? واپاري ماڳن تي بئنڪنگ چئنلز قائم ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي، هن بلوچستان جي نوجوانن کي هرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏن?? ته جيئن هو گوادر ۾ روزگار جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن. صدر بلوچستان جي احساس محرومي کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو. گورنر ۽ وڏي وزير صوبي جي ترقي، عوام کي درپيش مسئلن جي حل ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي صدر جو دل جي گهراين سان ٿورو ادا ڪيو.