اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ تي اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عوام سان ڪو به سروڪار نه آهي، سنڌ حڪومت جي پاليسين جي ڪري سنڌ جي عوام کي نقصان ٿي ره??و آهي، اٽو ۽ کنڊ جا اگهه سنڌ ۾ وڌيڪ آهن، صحت ڪارڊ ۽ راشن پروگرام سان سنڌ جي عوام محروم آهي، سنڌ جي نمائندن کي پنهنجي وڏي وزير کان سوال پڇڻ گهرجي ته هو سنڌ جي عوام سان ڪهڙي ڳالهه جو انتقام وٺي ره??و آهي، پاڪستان جي عوام کي ڊگهي عرصي کانپوءِ اهڙي حڪومت ملي آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام نه آهي، وزيراعظم عمران خان ان تي مخالفين به اعتماد ڪندا آهن، اسان ن ليگ وانگر اورينج ٽرين ۽ بجلي جا مهانگا منصبوبا لڳائي معيشت جو ٻيڙو غرق ناهي ڪيو، اڄ پاڪستان جي سياسي قيادت تي اعتماد بحال ٿيو آهي، مخالف ڌر واريءِ جي ديوار وانگر آهي جيڪا ٺهندي ئي ڪري ويندي آهي، 23 مارچ تائين پي ڊي ايم ره??دي ته مارچ ڪري وٺندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چي?? ته ڪووڊ کانپوءِ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي سروي ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي حڪومت تي ڪرپشن جو ڪو شڪ ناهي ڪيو ويو جيڪا حوصلا واري ڳالهه آهي، هن چي?? ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت موجود آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام نه آهي. وزيراعظم عمران خان تي سندس مخالف به يقين رکندا آهن، اڄ سياسي حڪومت تي اعتماد بحال ٿيو آهي، 89 سيڪڙو ماڻهو ڪورونا ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪو خوش آئنده آهي، هن چي?? ته دنيا ۾ تمام گهٽ مثال موجود آهن ته ڪورونا وبا کانپوءِ ڪو ملڪ 5 سيڪڙو شرح سان ترقي ڪري ره??و آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي معيشت ۾ 5 سيڪڙو گروٿ ريٽ کي آءِ ايم ايف به تسليم ڪري ره??و آهي، اميد آهي ته اسان 5 سيڪڙو جي شرح کان وڌيڪ ترقي حاصل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چي?? ته گذريل سال زرعي شعبي ۾ تقريبن 400 ارب روپين جي آمدني ٿي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي فصل ۾ 118 ارب روپيا، ڪپهه جي فصل ۾ 138 ارب روپيا، چانورن ۾ 46 ارب روپيا، مڪئي ۾ 3 ارب روپيا ۽ ڪمند ۾ 96 ارب روپين جي اضافي آمدني ٿي، ان اضافي آمدني جي ڪري ٽريڪٽر، گاڏين، زرعي اوزارن ۽ يوريا ڀاڻ جي کپت ۾ اضافو ٿيو، هن چي?? ته يوريا ڀاڻ جي پاڪستان ۾ قيمت 1700 روپيا آهي جڏهن ته عالمي منڊي ۾ ان جي قيمت 10 هزار روپيا آهي، هن چي?? ته جيڪڏهن هڪ ٽرڪ ڀاڻ ٻاهرين ملڪ هليو وڃي ته 70 کان 80 لک روپين جو فائدو ٿيندو. وفاقي وزير چي?? ته مهانگائي جي ڪري وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سوشل پروٽيڪشن پروگرام جو اعلان ڪيو، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي هر شهري کي 10 لک روپين تائين علاج جي سهولت ميسر هوندي، اها سهولت بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شهرين کي به فراهم ڪئي ويندي. هن چي?? ته اهڙي طرح جي پروگرام جا دنيا ۾ مثال نٿا ملن، برطانيه ۾ نيشنل هيلٿ سروسز ۾ ماڻهن کي علاج جي سهولت لاءِ پريميم ادا ڪرڻو پوندو آهي، هن چي?? ته اسان جو شناختي ڪارڊ ئي هيلٿ ڪارڊ هوندو، ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ علاج مفت ٿيندو، 50 هزار روپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽو، دال، گيهه تي 30 سيڪڙو رعايت ملندي. کين اٽو 2018ع جي قيمت جي مقابلي ۾ گهٽ قيمت تي دستياب هندو،
وفاقي وزير چي?? ته سنڌ حڪومت جي پاليسين جي ڪري سنڌ جي عوام ان سهولت کان محروم آهي، سنڌ تي اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عوام سان ڪو به سروڪار نه آهي، هن چي?? ته سنڌ کانسواءِ پوري پاڪستان جي شهرين کي صحت جي مفت سهولت ميسر هوندي. پوري ملڪ ۾ اٽو 1100 روپيا في ٿيلهو ملي ره??و آهي جڏهن ته سنڌ جي ماڻهن کي 1446 روپين ۾ ملي ره??و آهي، سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 90 روپيا آهي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 97 کان 100 روپين جي وچ ۾ آهي، هن چي?? ته سنڌ جي نمائندن کي پنهنجي وڏي وزير کان سوال پڇڻ گهرجي ته هو سنڌ جي عوام سان ڪهڙي ڳالهه جو انتقام وٺي ره??و آهي، سنڌ حڪومت جي پاليسين جو نقصان سنڌ جي ماڻهن کي ٿي ره??و آهي، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، وفاقي وزير چي?? ته غريب ماڻهن کي سڌو سنئون امداد جي فراهمي عمران خان جو ويزن آهي، اسان ن ليگ وانگر اورينج ٽرين ۽ بجلي جا مهانگا منصوبا لڳائي معيشت کي ٻيڙو غرق نه ڪري ره??ا آهيون، اڄ پاڪستان جي سياسي قيادت جي ساک ۾ اضافو ٿيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته مخالف ڌر ٿڪل پهلوانن جو ٽولو آهي، مخالف ڌر واريءَ جي ديوار وانگر آهي جيڪا ٺهندي ئي ڪري پوندي آهي، هن چي?? ته نفرت تي ٻڌل پاليسيون نه هلنديون، پنهنجي ايجنڊا ماڻهن جي سامهون رکڻي پوندي آهي، هن چي?? ته23 مارچ تائين پي ڊي ايم رهجي وئي ته لانگ مارچ ڪري وٺندي.