اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام دوس??ي ۽ محبت جي لازوال ??شتي ۾ جڙيل آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم عمران خان جا پاڻ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، ٻن??ي اڳواڻن مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا. اها ڳالهه هن ترڪي جي 98 هين سالگرهه جي موقعي تي ترڪ سفارتخاني ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي وزير چيو ته ترڪي جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪ ڀائرن جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ ان??اف جي دور حڪومت ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي. پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دوس??ي ۽ محبت جو لازوال ??شتو سدائين قائم رهندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪي جي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪٽيو، تقريب ۾ هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، بحري معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي به موجود هئا.