اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي م??سن پاڪستان ۽ ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ پاران جاري تع??يت?? پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته مرحوم جي خدمتن کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو ۽ ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ مرحوم سائنسدان عبدالقدير جون خدمتون ساراهه جوڳيون آه??. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي خدمتن تي پوري قوم کي فخر آه??. ملڪ جي لاءِ ڊاڪٽر عبدالقدير جي اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ساراهيو ويندو. پوري قوم سندس لاڏاڻي تي ڏکويل آه??. وقتي صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي م??فرت ۽ درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان بر??اشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته مرحوم ائٽمي سائنسدان عبدالقدير جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. جنازي نماز ۾ وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي پڻ شرڪت ڪندو. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ ائٽمي سائنسدان عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تع??يت?? پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحوم جي م??فرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.