نيويارڪ / اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل ??هيني ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بيلجيئم کي يورپي يونين ۾ پاڪستان جو اهم واپاري حصيدار سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ?? اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ پاڪستان سميت پوري خطي جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. افغانستان ۾ انساني ?? اقتصادي بحران جي خطري کي سامهون رکندي عالمي برادري کي گهرجي ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کڻي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ افغان عوام جي انساني ?? معاشي مدد عالمي برادري پا??ان مثبت پيغام پهچائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندي. بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز ڪابل مان بيلجيئم جي سفارتي عملي جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پا??ان فراهم ڪيل خصوصي تعاون تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.