اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??اهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر ريپبلڪن سينيٽر جي??ز رش سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب پرڏيهي وزير پاڪستان پاران آمريڪا سان ڊگهي بنياد، اسٽر??ٽج?? حصيداري جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ٻطرفي ۽ علائقائي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزير ??لائقائي رابطي، ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي ت??اون کي وڌائڻ جي اهيمت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير ??فغانستان ۾ هڪ جامع، سياسي حل کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکڻ تي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ وسيع بنياد حڪومت جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي دهشتگرد گروه، افغان سرزمين جو ٻيهر ڪڏهن استحصال نه ڪري سگهن، آمريڪي سينيٽر رش ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جاري رکڻ جي حوالي سان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي موقف سان اتفاق ڪيو.