اسلام آباد -19 سيپٽمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزي??اع??م عمران خان جي هدايت تي اليڪٽرانڪ ووٽر مشين (اي وي ايم) ذريعي چونڊون ڪرائڻ جو رستو ??يک??ريو ويو آهي. جمهوريت، پارليامينٽ جي وقار جي بحالي ۽ غيرتڪراري چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو پوندو. ماضي ۾ چونڊن دوران تڪرارن سبب چونڊون غير مستحڪم رهيو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سياسي بحران رهيا. اليڪشن ڪميشن کي واضح ڪرڻو هوندو ته ان سلسلي ۾ سنجيده آهي ۽ هو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت وٽ وسيلا هئڻ سبب پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اي وي ايم پڻ هڪ سنجيده ڪوشش آهي. وزي??اع??م عمران خان جنهن ماضي ۾ ڪرڪيٽ جي بنياد ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اهڙي طرح وزي??اع??م چونڊجڻ بعد اڃا تائين ڪو به تڪرار سامهون نه ??يو ۽ هو چاهي ٿو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان جن پوائنٽس جي فهرست ڏني اهو مضحکه خيز هو ۽ اليڪشن ڪميشن جي پنهنجي خلاف هڪ چارج شيٽ هئي. ڇاڪاڻ ته هن انهن ووٽنگ مشين جو جائزو ئي نه ورتو. فلپائين وانگر ڪيترن ئي ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان نه ??رف تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي بلڪه صاف ۽ شفاف چونڊن جا نتيجا سامهون آيا آهن.