اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان مقامي حڪومت کي جمهوريت جو بنيادي ڍانچو قرار ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پن??اب ۾ بلدياتي چونڊن جي فوري انعقاد جي لاءِ قدم کڻن. ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ پن??اب ۾ بلدياتي معاملن بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن اسد عمر، فواد چوڌري، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار، غلام سرور خان، چوڌري طارق بشير چيما، مونس الاهي، پن??اب جي خوراڪ واري ??زي?? عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪ??ي. ??ن??اب جي بلديات واري ??زي?? ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪ??ي. ??ن??اب حڪومت ??زي??اعظم کي صوبي ۾ نئين لوڪل گورنمينٽ ماڊل تي بريفنگ ڏني. ??زي??اعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقامي حڪومت جمهوريت جو بنيادي ڍانچو آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته مضبوط بلدياتي نظام کانسواءِ جمهوريت نامڪمل آهي. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي بلدياتي نمائندن جي سڌوسنئون چونڊن کي يقيني بڻائين ۽ پن??اب ۾ بلدياتي چونڊون فوري طور تي ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻن.