اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ مجلس شوريٰ پارليامينٽ کي صدر جي خطاب، قانونسازي ۽ نئ??ن پارلياماني سال جي ڪلينڊر بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. موجوده قومي اسيمبلي جي چوٿ??ن پارلياماني سال جي شروعات صدر جي خطاب سان ٿيندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر چيو ته موثر قانونسازي ذريعي ئي ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو ۽ عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. چوٿ??ن پارلياماني سال ۾ التوا ۾ پيل قانونن جي منظوري ۽ عوامي ڀلائي بابت قانون ترجيحي بنيادن تي منظوري جي لاءِ پيش ڪيا ??ڃن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽئ??ن پارلياماني سال ۾ عوامي ڀلائي بابت ڪيترائي بلز منظور ڪيا ??يا، بجيٽ ۽ عوامي اهميت وارن معاملن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو. اس?? قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي جنهن جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ڏانهن وڃي ٿو. بابر اعواڻ چيو ته پارلياماني سال جو ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.