اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر استعيفائن جو ڪارڊ وقت کان اڳ کيڏي پنهنجو پا?? کي بند گهٽيءَ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ ص??بي جو اقتدار نه ڇڏيندي، مولانا فضل الرحمان گذريل ڀيري جي دوکي جو انتقام وٺڻ جي ??اء?? بي تاب آهي، سياسي اداڪار نواز شريف اڳوڻي وزيراعظم جوڻيجو جي پٺيءَ ۾ ڇڙو هنيو، غلام اسحاق خان سان گڏجي بينظير ڀٽو جي حڪومت ??يرائي، آءِ جي آءِ جي پليٽ فارم تان نواز شريف بينظير ڀٽو کي مختلف لقبن سان نوازيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ??انفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.