اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي لاءِ جاري مالي سال دوران 53 م??ين رپيا رکڻ جي م??ظو??ي ڏئي ڇڏي آهي، اهي فنڊز وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي خدمتن جي فراهمي لاءِ استعمال ۾ آندا ويندا، اجلاس ۾ موسمي ۽ انب جي برآمدات جي لاءِ نظ??م الاوقات جوڙڻ جي حوالي سان واپار واري وزارت ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي جڏهن ته جاري مالي سال جي لاءِ دفاع واري وزارت ۽ گهرو وزارت جي چار مختلف منصوبن جي لاءِ 4 فني ضمني گرانٽس جي م??ظو??ي پڻ ڏني وئي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ??اڪ??ر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.