اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آهي، موجوده پارليامينٽ ۾ تحقيقي مقصدن لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ محققين ۽ تعليم جي ماهرن کي دعوت ڏني وي??دي آهي ۽ انهن جي راءِ کي قانونسازي ۽ پاليسي سازي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قو??ي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اهتمام هيٺ ”ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حصيداري“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ مڪالمي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪ??دي ڪيو، مڪالمي ۾ اسڪالرز، محققين تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسان کي پن??نج?? ذات ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ڪري سوچڻو پوندو، هن چيو ته هن وقت ملڪ کي ماحو??يا??ي تبديلين سميت ڪيترائي چئلي??ج درپيش آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هڪ قوم بڻجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.