اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽ?? محمد اسحاق ڊار سان اي سي او جي سيڪريٽري ??نر?? خسرو نوزيري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اي سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري ??نر?? نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي اي سي او جي قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ پنهنجي دور ۾ اي سي او کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم تنظيم جي لاءِ سيڪريٽري ??نر?? جي خدمتن کي ساراهيو. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن ۽ اي سي او جي سڌاراجاتي ايجنڊا جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر ا??د مجيد خان جي آگسٽ ۾ اي سي او جي سيڪريٽري ??نر?? جو عهدو سنڀالڻ جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر ا??د مجيد خان پنهنجي ٽن سالن جي دور ۾ خسرو نوزيري جي سٺي ڪم کي جاري رکندو.