اسلام آباد– 01 – اپريل (اي پي پي) ص??ر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معا??دي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معا??دي تي صحيحن سان واپار کي سگهه، علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ اقتصادي سرگرميون وڌائڻ ۾ مدد ملن??ي. ??يوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان موولاموف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سفير صدر کي ٻيو ڀيرو صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ تاپي گئس پائيپ لائين جي جلد تڪميل جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو ويو جنهن سان نه رڳو پاڪستان جي معيشت کي سهارو ملندو پر ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملن??ي. ??در ترڪمانستان جي سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان پنهنجي ٻطرفن ل??ڳاپن کي صديون پراڻي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفن ل??ڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا کي وڌائڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان پاران ترڪمانستان سان گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي موجوده ڪاٿي کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ص??ر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي پڻ ضرورت آهي. سفير صدر کي ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ اڳوڻي صدر گربانگولي بردي محمدوف پاران مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي ترڪمانستان جي سفير چيو ته پاڪ – ترڪمان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدو نه رڳو ٻنهي دوست ملڪن پر خطي جي لاءِ پڻ اهم آهي. هن چيو ته معا??دي سان خطي ۾ وڏيون ٽرانزٽ واپاري سرگرميون شروع ٿينديون. صدر ملاقات دوران ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ مبارڪباد جي پيغام تي ٿورا مڃيا.